خدا ڏنو شاهه

خدا ڏنو شاهه: ميان خدا ڏنو شاهه، نصرپور جي شاهه پوٽا ڪٽنب جي مشهور دوريش سيد غلام حسين شاهه عرف گل پير جو ٽيون نمبر سجاده نـشـيـن هـو. سندس اصل نالو بنده حسين شاهه هو، پر بعد ۾ خدا ڏني شاهه جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس والد جو نالو امام بخش شاهه ۽ ڏاڏي جو نالو محمد علـي شـاهه هـو. هـن نـصرپور ۾، 20 جون 1875ع تي جنم ورتو. خـدا ڏنـو شـاهه اڃـا سـتـن سـالـن جـو هو ته سندس والد 1882ع ڌاري وفات ڪـئـي، جـنـهـنـڪـري کـيـس درگـاهه جـي مـسـنـد تي ويهاريو ويو، هن پير صـاحـب جـي دور ۾ سـنـڌ جـي اڪثر درگاهن جي سجاده نشينن کان ذڪر اذڪـار ۽ سـلـسـله طـريقـت ڇـڏائي ويـل هو. اڪـثـر پـيـر صـاحـبن جي حيثيت، ملڪيت، مريدن سان لاڳاپي ۽ سندن دنيوي طاقت تي مدار رکندي هئي. ان ڪري ٻين پيرن وانگر هن به ان وقت جي دستور مطابق راڳ، ملاکڙن، شڪار، خاندانن سان لڳ لاڳاپن، مهمان نوازيءَ ۽ حـڪـومـت سـان سٺا تعلقات قائم ڪرڻ تي توجهه ڏنو. راڳ ۾ خاص دلچسپي ورتائين، راڳ جي پوري ڄاڻ رکندو ۽ ڳائيندو به هو. وڄت ۽ راڳ ۾ اهڙو ماهر ٿي ويو، جو سندس مجلس ۾ وڏن ڳائڻن کي خيال سان ڳائڻو پوندو هو. هن وٽ پري پري کان راڳي ايندا هئا. ڪي ته وٽس گهڻو وقت رهيا پيا هوندا هئا. هن ساري عمر راڳ جي سرپرستيءَ ۾ گذاري ڇڏي. خانصاحب فتح علي خان، علي بخش خان ۽ زهره ٻائي به وٽس راڳ ڳائي ايندا هئا. ان وقت جي مشهور ڳائيندڙ گوهر جان جڏهن سنڌ ۾ آئي، ته پير صاحب جي راڳ کان مـتـاثـر ٿي، سـنـدس آستاني تـي آئـي. خانصاحب امـيد عـلـي خان جو والد اسـتـاد پـيـارو خان، مبارڪ علي خان ، بيبو خان ۽ خانصاحب منظور علي خان جو والد جمال خان به اڪثر وٽس ايندڙ هئا. سيد خدا ڏني شاهه خود به شعر چيا آهن.
هو نصرپور جي مختلف انجمنن جهڙوڪ: ’مسلم جماعت‘ ۽ ’انجمن فيض حسيني‘ جو صدر رهيو. اثنا عشري فرقي سان تعلق رکندو هو. پنجھٺ سالن جي عمر ۾، اٺونجاهه سال سجاده نشين رهي، 1357هه/ 1938ع
۾ وفات ڪيائين.


لفظ خدا ڏنو شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو